دينو لالواڻي پٿري دائرو

دينو لالواڻي، پٿري دائرو (Stove Circlets): هيءُ ماڳ ٿاڻي بولا خان جي ڳوٺ دينو لالواڻيءَ کان ٽن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي. هن دائري جو قطر تقريباً 16.30 ميٽر آهي، ان ۾ پٿرن جي اوچائي تقريباً 0.86 ميٽرن کان 1.30 ميٽر آهي، جن جي ٿولهه لڳ ڀڳ 0.20 ميٽر، يعني اهي گهٽ وڌ هڪ ميٽر اوچائيءَ جا پٿر هئا، هتي ڪو به ٺڪراٺو نه آهي ۽ هي هڪ خاموش ويراني ۾ موجود ماڳ آهي. هن پٿري دائري جا اڌو اڌ پٿر گم ٿيل آهن. ترتيب ۾ هي پٿر اڌ گولائي مڪمل ٺاهيو بيٺا آهن. هن ماڳ جي اصل ڪهاڻي گم آهي، البته دائري جي صورت ۾ کُتل اڀا پٿر ۽ وچ ۾ قربان گاهه نموني پٿر اهو ظاهر ڪن ٿا ته پٿري دائرو ڪنهن نه ڪنهن قسم جي رسم ادا ڪرڻ جو پِڙ آهي. هي ماڳ دينو لالواڻيءَ ڳوٺ کان 3 ڪلوميٽر اتر ۽ ۽ ڳوٺ دينو عاقلاڻيءَ کان 3 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو